ديبا سحر

ديبا سحر

ديبا سحر

ديبا سحر: سنڌ جي ناليواري فنڪارِ ۽ گلوڪاره ديبا سحر جا وڏا پنجاب صوبي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’پنڊي ڀٽيان‘ جا رهواسي هئا. سندس والد اعجاز حسين، ملڪ جي نامور فنڪار عنايت حسين ڀٽيءَ جو شاگرد هو، ۽ هو عنايت حسين ڀٽيءَ ۽ عالم لوهار سان گڏجي ڳائيندو هو. سندس والد ذات جو قريشي هو، پر عنايت حسين ڀٽيءَ کيس ’ڀٽي‘ لقب ڏنو ۽ اُن بعد هن پاڻ کي اعجاز حسين ڀٽي سڏائڻ شروع ڪيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ ديبا سحر جو والد لڏي اچي گلشن اقبال ڪراچيءَ ۾ ويٺو، جتي کيس 15 جنوري 1980ع تي ديبا نالي نياڻي ڄائي، جيڪا هن وقت سنڌ جي نامور گلوڪاره ديبا سحر آهي. ديبا سحر جو چوڻ آهي ته سندس والد کي فلمساز ديبا پسند هئي، جنهنڪري هُن مٿس نالو ’ديبا‘ رکيو. ديبا سحر پرائمريءَ کان انٽر تائين سنڌ پبلڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران نعتون وغيره چوندي هئي. هن راڳ جي ابتدائي تعليم والد کان ورتي، اُن بعد اُستاد عاشق جي فرزند اُستاد فتح علي خان ۽ اُستاد علي نواز خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي ۽ 1995ع کان باقاعدي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. 1997ع ۾ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سڀ کان اڳ براڊڪاسٽر نصير مرزا متعارف ڪرايو. بعد ۾ هوءَ پي. ٽي. وي تان نشر ٿيندڙ ٻارن جي پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ آئي، جيڪو شمشير الحيدري ڪندو هو ۽ اُن جا اڪثر گيت به پاڻ لکندو هو. ريڊيو ۽ ٽي. وي تي اچڻ کانپوءِ ديبا باقاعدي ڳائڻ شروع ڪيو. سندس شادي ٽنڊي آدم جي فن
پرست شخص صابر کوسي سان ٿي.
ديبا سحر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان وٺي سريلنڪا، ملائيشيا، سينگاپور، ڀارت، ناروي، سوئيزرلينڊ، اِٽلي، دبئي وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سنڌيءَ سان گڏ اردو، پنجابي، سرائيڪي، پشتو ۽ براهويءَ ۾ ڪلام ڳايا آهن. سنڌ ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ اڪثر شرڪت ڪندي رهي آهي.ديبا سحر جون 50 کان وڌيڪ آڊيو ڪئسيٽون رليز ٿي چڪيون آهن ۽ سندس ڳايل ڪلام مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا.
ديبا سحر، شاهه لطيف، سچل سرمست کان سواءِ استاد بخاري، طالب الموليٰ، شيخ اياز، راشد مورائي، امداد حسيني، آڪاش انصاري، زاهد شيخ، زخمي چانڊيي ۽ ٻين ڪيترن نون ۽ نامور شاعرن جي شاعري ڳائي آهي. هن جا سجاد يوسف، واحد لاشاري، مظهر حسين ۽ ذوالفقار عليءَ سان ڳايل دوگانا ڪافي مقبول ويا آهن.
هوءَ هن وقت ٽنڊي آدم ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ديبا سحرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.01.15  عيسوي

ديبا سحر 15 جنوري 1980ع تي ڄائي،



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاڳچند پنجابي
ام ڪلثوم
ڦوٽو زرداري
سلطانه سورٺ
چاڪر چانڊيو
آصف مھدي
راول فقير
سچل فقير جتوئي
رگهورام شرما
خالد حسين پتافي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون